اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ڪندي عدم اعتماد جي رٿ رد ڪرڻ تي اسپيڪر ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته چونڊيل حڪومت کي برطرف ڪرڻ جي عالمي سازش ناڪام بڻائي وئي آهي. هن چيو ته مون صدر کي اسمبلي ٽوڙڻ ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ جي درخواست ڪئي آهي، جيئن قوم نئين حڪومت ٺاهي سگهي.هن چيو ته ڪروڙين روپيا خرچ ڪري جيڪي حڪومت ٺاهڻ چاهين پيا انهن جي سازش ڪامياب نه ٿيندي.هن چيو ته جن پيسا وٺي ووٽ وڪيا انهن کي چوان ٿو ته ان مان يتيم خانه کوليو.










