اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پارليامينٽ جي 180 ميمبرن شهباز شريف کي اعتماد جو ووٽ ڏنو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ميان شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ ورتو آهي، جيڪڏهن مفتي عبدالشکور زنده هجي ها ته اعتماد جو ووٽ 181 هجي ها.اسپيڪر جي هدايت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي پارليامينٽ عوام سان گڏ بيٺل آهي، قومي اسيمبلي شهباز شريف جي وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪري ٿي.اسپيڪر ٺهراءُ پڙهيو ۽ ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن تي اسيمبلي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي ڇڏيون، اسپيڪر جي هدايت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي.










