وزيراعظم جو ٽن ڏينهن وارو سعودي عرب جو دورو

وزيراعظم جو ٽن ڏينهن وارو سعودي عرب جو دورو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعطم شهباز شريف 13 رُڪني وفد سوڌو 3 ڏينهن جي پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. هو سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ تعاون، اوڌر تي ملندڙ تيل جي سهولت ۾ واڌ، ان مد ۾ واجب رقم هڪ سال لاءِ پوئتي ڪرڻ ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا بهتر بنائڻ لاءِ 3 ارب دالر ڊپازٽ ڪرڻ جي درخواست ڪندو جيئن پاڪستان ۾ روپئي جي قدر کي بهتر ڪري سگهجي. وزيراعظم ۽ سندس وفد جا ميمبر عمو به ادا ڪندا.  سعودي عرب روانو ٿي ويو، وزيراعظم جي وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير دفاع خواجه آصف، ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل، اطلاعات جي وزيرمريم اورنگزيب، سالڪ حسين، شاهزين بگٽي، محسن داوڙ ۽ ٻيا شامل آهن سعودي عرب جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سوڌو ٻين اعليٰ عهديدارن سان ملاقاتون ڪندو ذريعن جو چوڻ آهي ته . .وزيراعظم ۽ سعودي قيادت وچ ۾ ملاقاتن دوران 7 ارب ڊالرز جي پيڪيج سوڌو ٻطرفن لاڳاپن تي به ڳالهيون ٿينديون

پهنجو تبصرو موڪليو