ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ باوجود وزيراعظم جو ٽيسٽ مثبت

ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ باوجود وزيراعظم جو ٽيسٽ مثبت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو آهي.وزيراعظم جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان سماجي رابطي جي ويب سائت ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو جنهن کان پوءِ هن پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته وزيراعظم گزريل ڏينهن ڪورونا کان بچاءَ واري ويڪسين به لڳرائي هئي پر ان باوجود به سندس ٽيسٽ مثبت آيو آهي. ٻئي طرف نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس وگهي  ملڪ ۾ وڌيڪ 42 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو