وزيراعظم طلب،رٽائرڊ ججن جي ٽربيونلز ۾ وڃڻ واري شوق ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو

وزيراعظم طلب،رٽائرڊ ججن جي ٽربيونلز ۾ وڃڻ واري شوق ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته رٽائرڊ ججن ٻيڙي وڌيڪ ٻوڙي ڇڏي آهي، رٽائرڊ ججن کي ٽربيونلز ۾ وڃڻ جو وڌيڪ شوق آهي.پي ٽي اي ٽربيونل جي ميمبر فنانس جي مقرري نه ٿيڻ جو ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ هو، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته جيڪڏهن 18 مئي تائين ميمبر فنانس مقرر نه ڪيو ويو ته وزيراعظم پيش ٿيندو.جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته وزيراعظم اچي وضاحت ڪري ته ٽربيونل جو ميمبر فنانس ڇو مقرر نه ڪيو ويو آهي. سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ڪابينا کي به عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي.اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته هڪ رٽائرڊ جج کي ٽربيونل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، ان تي جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته رٽائرڊ ججن ٻيڙي وڌيڪ ٻوڙي ڇڏي آهي، رٽائرڊ ججن کي ٽربيونلز ۾ وڃڻ جو وڌيڪ شوق آهي.جسٽس محسن ڪياني چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جو دل چاهي ته اين آءِ آر سي ۾ شامل ٿي ويندو آهي، جڏهن ته ڪو ٻيو ٻئي ٽربيونل ۾ شامل ٿي ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو