لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي جي موقعي تي ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسانکي پنهنجو سنڌو درياءُ بچائڻو آهي. هن چيو ته پاڻي جي معاملي تي هميشه پيپلزپارٽي منصفاڻي ورڇ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن سواليه انداز ۾ پڇو ته تڪراري ڊيم خلاف جدوجهد ڪنهن ڪئي؟ جڏهن شهيد راڻي کي محسوس ٿيو ته ڊيم جو منصوبو هڪطرفو ۽ وفاق لاءِ نقصانڪار آهي ته هوءَ ميدان ۾ آئي ۽ ڌرڻو هنيو ۽ رٿا رد ڪرائي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم خلاف پيپلز پارٽي جا جيالا لاهور مان نڪتا هئا ۽ سنڌ پنجاب بارڊر تي اسان سان مليا. هي منصوبو پيپلز پارٽي دفن ڪرايو ته محترمه کي شهيد ڪيو ويو. ڊيم جي دفن ڪرڻ جو اعلان گجر خان جي جيالي راجا پرويز اشرف ڪيو هو. هن چيو ته اسان موهن جي دڙي جا ماڻهو آهيون اسانکي درياءَ سان گڏ رهڻو آهي. هن سواليه انداز ۾ مخالفن کي چيو ته ڇا اوهان اسانکي سيکاريندا ته سنڌو تي ڪينالز جي مخالفت ڪرڻي آهي ته سنڌو تي ڪينال نامنظور؟ هن چيو ته تڪراري واهن سان سنڌ سان گڏ پنجاب جي هارين کي به نقصان ٿيندو. هن چيو ته اسانجي جيالن کان وٺي صدر پاڪستان تائين پيپلز پارٽي تڪراري ڪينالز خلاف جدوجهد ڪريون ٿا ۽ واضح چيو ته اسان اهو ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان هڪطرفي طور ڪيل هن فيصلي کي رد ڪيو آهي. هن تنقيد ڪندڙن کي چيو ته جڏهن اوهان ستا پيا هئا اسين ان وقت به مخالفت ڪئي. صدر زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪينالز جو فيصلو هڪطرفو آهي، وفاق لاءِ نقصانڪار آهي ۽ هو ان جي حمايت نٿو ڪري. بلاول چيو ته سياسي يتيمن کي زرداري فوبيا ٿي وئي آهي، هنن کي هر سازش ۾ صدر زرداري جو هٿ ٿو نظر اچي، خواب ۾ به صدر زرداري نظر ٿو اچي. هن چيو ته اسين نفرت ۽ تقسيم جي سياست نه ڪندا آهيون، اوهين ڀلي ڪريو. وفاق کي صوبن ۽ صوبن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي ۽ اها سازش پيپلز پارٽي ناڪام بڻائيندي، اسان پاڪستان کپي جو نعرو کڻي هر علائقي ۾ وينداسين. اسين وفاق کي بچائينداسين، پاڻي جي منصفاڻي تقسيم جي جدوجهد ڪنداسين. اسين چارئي صوبا، جيڪي چار ڀائر آهيون متحد ٿي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين، دهشتگردي ۽ عالمي سازش کي ناڪام بنائينداسين. بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم شهباز شريف عوام جو مطالبو ٻڌو، سنڌ به چوي ٿي ته ڪينال نامنظورآهن ڏکڻ پنجاب به اها ڳالهه ٿو ڪري. اسين وفاقي حڪومت سان نه پر هن معاملي تي عوام سان گڏ بيهنداسين. وزيراعظم شهباز شريف صاحب عوام جو هي آواز ٻڌو… ان دوران پنڊال مان نعرا لڳندا رهيا ته ڪينال سمورا نا منظور. هن چيو ته 16 اپريل تي نواب يوسف ٽالپر جي ووفات سبب خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي چونڊ آهي، اها مڪمل ٿيڻ بعد اسين پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ جلسو ڪنداسين. بلاول چيو ته سيلاب وقت مان سڄي دنيا کي قائل ڪيو ته سنڌو درياءَ کي بحال ڪرڻو آهي، ٽيڪنالوجي جي مدد سان اوهان مالي سپورٽ فراهم ڪريو. هن چيو ته ڀارت اسانجو پاڻي روڪي رهيو آهي مون ان معاملي تي به ڀرپور آواز اٿاريو. هن شهيد ڀٽو ۽ پنهنجي والده کي خراج پيش ڪيو ۽ چيو ته شهيد ڀٽو متفقه آئين ڏنو. شهيد راڻي ٻن ڊڪٽيٽرن سان وڙهي جمهوريت بحال ڪرائي. هن صدر زرداري پاران ارڙهين ترميم جي بحالي جو ذڪر ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو جو آئين بحال ڪيو، کيس ڏنل سزا ختم ڪرائي ۽ نشان امتياز ڏنو. هن سنڌ حڪومت جي صحت ۽ مختلف شعبن ۾ خدمت جو ذڪر ڪندي چيو سندس پارٽي عوامي خدمت ۾ يقين رکي ٿي. هن سيلاب دوران ٿيل تباهي جي بحالي ۽ 21 لک گهر ٺاهڻ جي رٿا جو ذڪر ڪندي دنيا پاران ڏنل امداد ۽ وفاقي حڪومت پاران ڪيل تعاون تي سندن ساراهه ڪندي شڪريو به ادا ڪيو. هن چيو ته اسين پاڪستان کپي وارا آهيون، اسين مفاهمت جي سياست ۾ يقين رکون ٿا. بلاول بلوچستان ۾دهشتگردي جي تناظر ۾ ڪنهن جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هن مهل پرڏيهي قوتن جي مدد سان دهشتگردي ٿي رهي آهي. دهشتگردن جو ڪو مذهب يا قوم ناهي هوندي. هي هڪ وڏو چيلينج آهي ان معاملي تي اپوزيشن کي قوم سان گڏ بيهڻو پوندو.










