وزيراعظم شهباز شريف جي چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات

وزيراعظم شهباز شريف جي چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گڏيل تعاون خاص طور تي اقتصادي شعبن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ سميت گهڻ طرفي سهڪار وڌائڻ ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.وزيراعظم اڄ چيني سيڙپڪارن ۽ پاڪستاني واپارين سان به ملاقاتون ڪندو.پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سي پيڪ سميت گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو