اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي ترڪي روانو ٿيڻو هو، وزيراعظم جي ترڪي جي دوري جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.واضح رهي ته ترڪي ۾ زلزلي جي تباهي کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ترڪي وڃڻ جو اعلان ڪيو هو.










