پئرس (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهبازشريف ۽ چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وزيراعظم ليڪي چيانگ وچ ۾ نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهي اجلاس جي موقعي تي پئرس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ سي پيڪ سميت ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هلندڙ سال مارچ ۾ وزيراعظم جي ڪرسي جي ذميواري سنڀالڻ کان پوءِ وزيراعظم ليڪي چيانگ جي وزيراعظم شهبازشريف سان هي پهرين ملاقات هئي. ملاقات پاڪستان ۽ چين جي سدابهار آزمايل ڪوآپريٽو ڀائيواري جي روايتي خيرسگالي ۽ سٺي ماحول ۾ ٿي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ سميت ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن پاسن ۽ ٻطرفي معاشي تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي اهم موضوعن تي چين جي حمايت کي ورجائيندي وزيراعظم شهبازشريف پاڪستان جي جاگرافيائي بقا خودمختياري سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ چين جي حمايت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري خطي ۾ جي-20 جو اجلاس سڏائڻ جي چين طرفان ڀرپور مخالفت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي بالادستي جي چين جي اصولي موقف جو مظهر آهي وزيراعظم ليڪي چيانگ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي منفرد ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ موجود گهاٽن ڀائراڻن جذبن تي قائم آهي چين جي وزرياعظم چيو ته چين پاڪستان جي مفادن جي تحفظ، معاشي ترقي ۽ پاڪستان جي عوام جي خوشحالي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. وزيراعظم شهباز چين جي وزيراعظم کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪا وزيراعظم ليڪي چيانگ قبول ڪئي.










