وزيراعظم شارٽ فلم فيسٽيول جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ نيشنل اَميچوئر (پرستار، شوقين)شارٽ فلم فيسٽيول جو وزيراعظم عمران خان افتتاح ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جو مثبت اميج اجاگر ڪرڻ لاءِ هن قسم جا ميلا مچڻ گهرجن ۽ شارٽ فلم ٺاهيندڙن کي همٿائڻ گهرجي. فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾ وفاقي وزيرن سوڌو اهم شخصيتون شريڪ ٿيون. افتتاحي تقريب کي خطاب دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته دهشتگردن پاڪستان جي تشخص کي نقصان پهچايو، فيسٽيول ذريعي دنيا کي پاڪستان جو هاڪاري چهرو ڏيکاريو ويندو، پاڪستان ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي ملي آهي. فواد چوڌري چيو ته آءِ ايس پي آر هي ميلو منعقد ڪري تمام بهترين ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستن جيتري دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قرباني ڏني آهي ان جو دنيا ۾ ڀرپور پيغام نه پهچائي سگهيا آهيون. هن چيو ته 1970 واري ڏهاڪي پاڪستان دنيا ۾ فلم ميڪنگ ۾ ٽئين نمبر تي هو پر هاڻي سئنيما بزنس تباهه آهي، هن سال رڳو 2 فلمون ٺهيون آهن. اسانکي فلم سازي جواوج موٽائڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو