لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ سول ۽ فوجي ادارن جي عدليه ۾ مداخلت روڪڻ لاءِ ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيا آهن.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم اينٽي ٽيررازم (اي ٽي سي) جي جج کي هراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ 4 صفحن تي ٻڌل عبوري حڪم جاري ڪري ڇڏيو.جسٽس شاهد ڪريم عدليه ۾ مداخلت روڪڻ لاءِ 5 نقاطي ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيا آهن،جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم آفيس آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي سميت سمورن سول ۽ فوجي ادارن کي هدايتون جاري ڪري ته اهي ادارا مستقبل ۾ اعليٰ يا ماتحت عدليه جي ڪنهن جج يا ان جي عملي سان رابطو نه ڪن.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي پنجاب ماتحت آفيسرن کي عدليه ۾ مداخلت کان روڪڻ لاءِ به هدايتون جاري ڪري، اي ٽي سي عدالتن جي سيڪيورٽي لاءِ لاڳاپيل جج سان مشاورت ۽ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو وڃي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اي ٽي سي جا جج پنهنجي موبائل فون ۾ هر ڪال رڪارڊ ڪن، پنجاب جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتون 9 مئي جي ڪيسن جو فيصلو ترجيحي بنيادن تي ڪن.جسٽس شاهد ڪريم حنا حفيظ الله کي جڊيشل اسسٽنٽ مقرر ڪيو ۽ عدالتي عملدارن کي حڪم ڏنو ته هو اي ٽي سي جج سرگوڌا جي ڪيس جي جاچ ۾ مڪمل سهڪار ڪن ۽ جاچ آفيسر کي جاچ جي وڊيو رڪارڊنگ هاءِ ڪورٽ کي فراهم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.لاهور هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کي 8 جولاءِ تائين عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.










