اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهبازشريف سان سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم قيادت وزيراعظم جي اڳيان پيپلزپارٽي سان معاهدي تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي خدشا ظاهر ڪيا ڊاڪتر خالد مقبول صديقي ۽ ڪامران ٽيسوري شهبازشريف سان شڪايت ڪئي ته جيڪڏهن ان حوالي سان ڪجهه نه ٿيو ته اسان جو حڪومت ۾ رهڻ جو جواز نٿو بڻجي ايم ڪيو ايم قيادت شڪايت ڪئي ته وزراعظم صاحب اسان جي لاءِ پنهنجي ووٽرز ۽ عوام کي جواب ڏيڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ذريعن مطابق متحده قيادت وزيرفاعطم کان گهر ڪئي ته اوهان هن معاملي ۾ مداخلت ڪريو ۽ پيپلزپارٽي سان معاهدي تي عملدرآمد ڪرايو. ذريعن مطابق وزيراعطم شهبازشريف سنڌ جي گورنر ۽ ايم ڪيو ايم سربراهه کي خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.










