اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهبازشريف سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ملاقات ۾ سعودي سفير وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪ ڏني ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پهريان کان موجود ٻطرفي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو وزيراعظم واپار سيڙپڪاري ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي شعبن ۾ سعودي عرب سان تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو ان کان سواءِ هن تعليم صحت انفارميشن ٽيڪنالوجي متبادل ٻارڻ ۽ صاف توانائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سعودي عرب جي تجربي مان فائدو وٺڻ جو عزم به ظاهر ڪيو.










