وزيراعظم سان آصف زرداري جي ملاقات

وزيراعظم سان آصف زرداري جي ملاقات

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري وچ ۾ ملاقات ٿي آهي. بلاول ڀٽو، خواجه آصف ۽ سعد رفيق به ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. جمهوري استحڪام ۽ سماجي بهبود لاءِ ملي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي وزيراعظم سان ٿيندڙ ملاقات ۾ شهباز شريف بلاول ڀٽو کي وفاقي وزير جي طور تي حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي بهبود جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان ملي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئين جي بالادستي ۽ جمهوري عمل جو تسلسل ئي ملڪي ترقي جو راز آهي. گڏيل تعاون سان جلد ملڪ کي پيش ايندڙ چيلنجز تي ڪنٽرول ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو