سڀني جي صلاح سان گڏجي مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا

سڀني جي صلاح سان گڏجي مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي.ذريعن موجب ملاقات ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ ٿي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن به شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته معيشت جي حالت خراب آهي سڀني صوبن ۽ وفاق کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته مختلف صوبن ۾ مختلف پارٽين جون حڪومتون آهن ان ڪري سڀني جي صلاح سان گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو، مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ سڀني قرباني ڏيڻي پوندي. ان موقعي تي ميان شهباز شريف نگران حڪومت جي ڪجهه فيصلن جو ذڪر ڪندي سندن فيصلن جي تعريف ڪئي. اسانکي خليجي ملڪن جي سيڙپڪاري لاءِ اهم قدم کڻڻا پوندا، نقصان م هلندڙ ادارن کي خانگي شعبي حوالي ڪرڻو پوندو ۽ وڏي پيماني تي اصلاحات ڪرڻا پوندا. هن چيو ته بجلي ۽ گيس جي چوري روڪڻي پوندي ۽ ٽيڪس جو دائرو وڌايو ويندو، انهن طبقن تي بار وجهڻو پوندو جيڪي برداشت ڪري سگهن، عام ماڻهو تي وڌيڪ ٻوجهه نٿو وجهي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو