لاهور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف گرمين ۾ بجلي جي فراهمي لاءِ موثر قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان پاور ڊويزن جي وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير ملاقات ڪئي ۽ کيس پاور سيڪٽر ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گرمين ۾ بجلي جي فراهمي ۾ نمايان بهتري لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن.شهباز شريف چيو ته پاور ٽرانسميشن لاءِ نيون ٽرانسميشن لائينن تي هلندڙ ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو.هن چيو ته گرمين ۾ بجلي جي صارفين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن.










