وزيراعظم جي چوڌري برادران جي گهر تي ساڻن ملاقات

وزيراعظم جي چوڌري برادران جي گهر تي ساڻن ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان مسلم ليگ (ق) جي قيادت، اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ بي اعتمادي واري رٿ تي اپوزيشن جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس طرفان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عمران خان لاهور جي دوري جي موقعي تي مسلم ليگ ق جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سان سندس رهائش تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير فواد چوڌري، سالڪ حسين ۽ ٻيا وفاقي وزير پڻ موجود هئا. ذريعن موجب ڪيو ليگ حڪومت جي حمايت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو