اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ هڪ ڏينهن لنڊن ۾ رهندو.ان حوالي سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم لنڊن ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته وزيراعظم هاڻي اربع تي گهر روانو ٿيندو.هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي هدايت تي هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي.هن چيو ته شهباز شريف سياسي ۽ قومي معاملن تي صلاح مشورا ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ دورو وڌايو.سڌ سماءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽين جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ برطانيا ويو.










