ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو، شهباز شريف سان بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ خواجا سعد رفيق به موجود هئا ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ بلوچستان جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اختر مينگل شهباز شريف جي بلوچستان جي ترقي کي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي بيان جي آجيان ڪئي ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته بلوچ افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهي، حڪومت بلوچستان جي ترقي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي۽ بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو










