نواب شاھ (ن سنڌيار)وزيراعظم شهباز شريف شهيد بينظير آباد نوابشاهه جو دورو ڪيو وزيراعظم شهباز شريف شهيد بينظير آباد نوابشاهه پهچي ويو آهي. نوابشاهه ايئرپورٽ شهيد بينظير آباد تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم سان گڏ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار سيد فهد حسين به ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم اڄ هتي زرداري هائوس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي سربراهه آصف علي زرداري سان سندس والده ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ناني جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو ۽ سندس مغفرت، اجر ۽ بلندي لاءِ دعا به گهرندو.










