وزيراعظم جو وفاقي ڪابينا جو انگ گهٽ رکڻ جو فيصلو

وزيراعظم جو وفاقي ڪابينا جو انگ گهٽ رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا جو انگ گهٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪابينا اڄ 4 وڳي حلف کڻندي. ذريعن موجب شروعاتي طور تي وفاقي ڪابينا ۾ 12 کان 14 وزيرن کي شامل ڪيو ويندو.پهرئين مرحلي ۾ ناڻي واري وزارت، پرڏيهي وزارت، توانائي واري وزارت، منصوبابندي واري وزارت ۽ گهرو وزارت جا قلمدان ڏنا ويندا، جڏهن ته اطلاعات، نجڪاري ۽ ٻين اهم وزارتن جا وزير به مقرر ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزيرن کي واڌو وزارتون به ڏنيون وينديون، نئين وفاقي ڪابينا کان صدر آصف زرداري حلف وٺندو.

پهنجو تبصرو موڪليو