وزيراعظم شهباز شريف جي نوٽيس کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ بجلي، انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس بحال ڪئي وئي.ٻين شهرن وانگر ڪوئيٽا ۾ به تيز برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کانپوءِ بجلي ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي.ڪوئيٽا ۾ بجلي جي کوٽ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي وزيراعظم پاور ڊويزن کي بجلي جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف جي نوٽيس کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ بجلي، انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس بحال ڪئي وئي پر ڪوئيٽا شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گئس جي فراهمي اڃا تائين معطل آهي، جنهن سبب عوام کي کائڻ پيئڻ ۾ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.










