وزيراعظم جو ميمبرن کي 10 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ

وزيراعظم جو ميمبرن کي 10 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان پاور شو جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ پنهنجي پارٽي جي چونڊيل نمائندن کي 10 لک ماڻهو اسلام آباد ۾ گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي. هن سان اسلام آباد، چڪوال، مري ۽ ٻين علائقن جي ايم اين ايز ملاقات ڪئي. پي ٽي آءِ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ڊي چوڪ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هو ٿابت ڪرڻ چاهي ٿو اڄ به هن کان وڌيڪ ڪو وڏو جلسو نٿو ڪري سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عدم اعتماد کان هڪ ڏينهن اڳ رٿيل ان جلسي بعد ڪارڪنن جي ڊيوٽي لڳائي ويندي ته هو شڪي ايم اين ايز کي پارليامينٽ ۾ داخل ٿين نه ڏين ۽ انهن جو گهيراءُ ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو