وزيراعظم اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچندو

وزيراعظم اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچندو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچندو، جتي هو بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي نيشنل ايڪشن پلان جي ايمپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. ذريعن موجب وزيراعظم ميان شهباز شريف جي ڪوئيٽا جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي وفاقي وزير به ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم جي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي نيشنل ايڪشن پلان جي ايمپڪس ڪميٽي جو اجلاس وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ ڪوئيٽا ۾ ٿيندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي، وفاقي وزير ۽ ٻين سڪيورٽي ادارن جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ سان گڏ اهم فيصلا به ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو