وزيراعظم انجام ڏسي بازاري ٻولي پيو ڳالهائي. شهباز

وزيراعظم انجام ڏسي بازاري ٻولي پيو ڳالهائي. شهباز

لاهور(ويب ڊيسڪ) شهباز شريف چيو آهي ته وزيراعظم کي پنهنجو انجام نظر اچي رهيو آهي، تنهن ڪري هن ڌمڪيون ۽ بازاري زبان اختيار ڪئي، هو چور چور جا بيان ڏئي رهيو آهي، هن جو دماغ ڪم نٿو ڪري، عمران خان ۾ دم آهي ته مقابلو ڪري، الزام هڻڻ بند ڪري. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جيڏانهن وڃي رهيو آهي، غلاظت جا ڍير گڏ ڪري رهيو آهي، سندس غلاظت ڪير صاف ڪندو؟ عمران خان گهٽيا سياست ڪري رهيو آهي، حساس معاملن تي لاپرواهي واري بيان سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچندو، سڀني کي چور چور چئي رهيو آهي، هو ڊنل آهي، مهذب ماڻهو اهڙي ڳالهه نٿو ڪري جهڙي طرح عمران خان ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف حمزه شهباز چيو آهي ته عمران نيازي پنهنجي تقريرن ۾ اخلاقي قدرن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، يورپي يونين بابت وزيراعظم جي بيان تي ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ها، وزيراعظم جي منهن تي ٽيپ هڻو، هو قومي مفادن کي نقصان پهچائي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو