وزيراعظم اقتصادي رابطا ڪميٽي جوڙي ڇڏي، چيئرمين تبديل

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ڇڏي.اي سي سي جي صدارت ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ڪندو، ڪميٽي ميمبرن ۾ اقتصادي معاملن وارو وزير، واپار وارو وزير، بجلي وارو وزير، پيٽروليم وارو وزير ۽ منصوبابندي وارو وزير شامل هوندو.ڪابينا ڊويزن اقتصادي رابطا ڪميٽي جي ٻيهر جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو