اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان، ڪراچي ۾ مولانا عادل جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان ٽارگيٽ ڪلنگ جو ذميوار ڀارت کي قرار ڏيندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جوابدارن جي فوري گرفتاري جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ عالمن کي قتل ڪرائي شيعا سني وڳوڙ ڪرائڻ چاهي ٿو. وزيراعظم عمران خان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته حڪومت گذريل ڪجهه مهينن ۾ ڀارت جي اهڙين ڪيترين ئي ڪوششن کي ناڪام بڻايو آهي، انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جوابدارن کي انجام تي پهچائيندا. وزيراعظم عمران خان عالم سڳورن کي هدايت ڪئي آهي ته سمورا عالم گڏجي ڀارتي سازشن کي ناڪام بڻائين. ٻئي پاسي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران به مولانا عادل جي قتل جي مذمت ڪئي وئي آهي. آرمي چيف جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سول انتظاميا سان هر قسم جي سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل ايڊيشنل آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به سنڌ پوليس کي جوابدار فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته عالم دين مولانا عادل جي قتل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، مولانا عادل جو قتل پاڪستان دشمنن جي طرفان امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي.










