اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جو چوڻ آهي ته مراد بخاري کي پڪڙڻ لاءِ اسان جو ڪارڪن آيو ۽ جڏهن نه مليو ته ڀاءُ مهتاب بخاري کي کڻي ويا، ملڪ جو راڄڌاني آهي يا جهنگ؟ اهڙو اظهار اسد عمر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ڪيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو آهي ته انشاءَ الله غير قانوني ڪم ڪندڙ سڀني کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.










