اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان اعلان ڪيو ته هو ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندو ۽ ڀارت خلاف ميچ نه کيڏندو.پي سي بي چيئرمين محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت هڪ اهم فيصلو ڪيو ويو.هن ملاقات کان پوءِ، پاڪستاني حڪومت اعلان ڪيو ته پاڪستان ٽي 20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کيڏندو پر ڀارت خلاف ميچ نه کيڏندو.ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو ميچ 15 فيبروري تي شيڊول آهي.15 فيبروري تي ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ جا سبب سامهون اچي ويا آهن. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته 15 فيبروري تي ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ جي فيصلي جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ بنگلاديش بابت آءِ سي سي جو جانبدار فيصلو مرڪزي حيثيت رکي ٿو.










