screen shot

ورلڊ اسنوڪر چمپيئن کٽيندڙ محمد آصف وطن پهچي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ترڪي جي شهر اناتاليه ۾ ٿيندڙ آناتاليه ۾ ٿيندڙ آءِ بي ايس ايف ورلڊ اسنوڪر چيمپئن شپ کٽيندڙ پاڪستاني محمد آصف جيئن ئي ٽرمينل کان ٻاهر آيو ته ڪراچي ايئرپورٽ جو لائونچ پاڪستان زندهه آباد ۽ محمد آصف زندهه آباد جي نعرن سان گونجي پيو پاڪستان بليئرڊز اينڊ اسنڪور ايسوسيئيشن، سنڌ اسنوڪر ايسوسيئيشن جي نمائندن ۽ ڪراچي جي مقامي رانديگرن محمد آصف کي گلن جا هار پارائي شاندار استقبال ڪيو. پر هميشهه وانگي هن ڀيري به ڪو به حڪومتي نمائندو آصف کي وٺڻ لاءِ ايئرپورٽ نه پهتو. 2 ڀيرا ورلڊ چيمپئن ۽ 2 ڀيرا ورلڊ ٽيم ايونٽ جو ٽائٽل کٽيندڙ محمد آصف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هيترو ڪجهه ڪرڻ باوجود جيڪڏهن حڪومت ان طرف ڪو ڌيان نه ڏئي ته مايوشي ضرور ٿيندي آهي ۽ مون کي حڪومت پاران اها پذيرائي به نه ٿي ڏني وڃي جنهن جو مان حقدار آهيان پر ان باوجود منهنجا حوصلا بلند آهن ۽ مستقبل ۾ به پاڪستان لاءِ ڪاميابيون حاصل ڪندو. هن چيو ته چيلهه ۾ تڪليف سبب ڪجهه مشڪلاتون پيش آيون پر خوشي ان ڳالهه جي آهي ته تڪليفن باوجود رائونڊ آف 32 ۾ اسرائيل جي رانديگر کي شڪست ڏئي ٽائٽل حاصل ڪيو. واضح رهي ته محمد آصف ٻيو ڀيرو آءِ بي ايس ايف ورلڊ ٽائٽل کٽيو آهي ان کان علاوه هو 2 ڀيرا ورلڊ ٽيم چيمپئن شپ به کٽي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو