واپاري کان 25 لک ڦر، مزاحمت تي زخمي، هٿياربندن فرار

واپاري کان 25 لک ڦر، مزاحمت تي زخمي، هٿياربندن فرار

شھدادڪوٽ( ن س) شھدادڪوٽ ۾ موٽرسائيڪل سوار اڻڃاتل ھٿياربندن جي واپاري کان 25 لک ڦر، مزاحمت تي واپاري سخت زخمي، جوابدار فرار، شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان موٽرسائيڪل سوار هٿياربند واپاري خدابخش مگسي کان 25 لک روڪ رقم ڦر ڪري ويا مزاحمت تي پسٽل جا بٽ هڻي واپاري کي سخت زخمي ڪرڻ بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، هوڏانهن اطلاع ملڻ تي حد جي ٿاڻي بي سيڪشن جي پوليس زخمي واپاري کي کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو جتي زخمي کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي واقعي بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاء ايس ايڇ او بي سيڪشن عبدالمجيد ناريجو ٻڌايو ته مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان معاملو هلندڙ آهي ٿي سگهي ٿو ته واقعو ان تان پيش آيو آهي، جنهن کي ڦر جو رنگ ڏنو پيو وڃي، وڌيڪ واقعي جي جانچ ڪيون پيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو