عورتن کي هراسان ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ جي استعمال ۾ اضافو

عورتن کي هراسان ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ جي استعمال ۾ اضافو

اسلام آباد(بيورو)واٽس اپ ۽ فيس بڪ پاڪستاني عورتن کي هراسان ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ايپس آهن.اها ڳالهه ڊجيٽل رائيٽس فائونڊيشن (DRF) پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چئي وئي.سائبر هراسمينٽ هيلپ لائن جي 5 سال مڪمل ٿيڻ تي ڊي آر ايف پاران رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن موجب 5 سالن دوران 11 هزار 681 شڪايتون مليون.2021 ۾، هيلپ لائن تي 4441 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا، سراسري طور تي 370 ڪيس هر مهيني، مارچ ۽ سيپٽمبر جي وچ ۾ هڪ اهم واڌ سان آهي،انگن اکرن موجب 68 سيڪڙو ڪالون عورتن، 30 سيڪڙو مردن ۽ 1 سيڪڙو خواجه طرفان ڪيون ويون.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ آن لائن هراساني جا ڪيس واٽس اپ تي آهن، ان کانپوءِ فيس بڪ آهي.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 2021 ۾ 893 شڪايتون بليڪ ميل سان لاڳاپيل هيون، جڏهن ته 727 ڪيس تصويرن جي غير مجاز استعمال جا هئا.رپورٽ پاليسي سازن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سفارشون پڻ ڏئي ٿي.DRF مطالبو ڪيو ته سالياني رپورٽ کي اليڪٽرانڪ جرم جي روڪٿام ايڪٽ (PICA) جي سيڪشن 53 جي مطابق عوام تائين پهچايو وڃي ۽ عوام تائين پهچ پيدا ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو