ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد واٽر بورڊ ملازمن لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي ملازمن جا طبي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي کين فوري طور بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مرحليوار مفت طبي ڪئمپون قائم ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو ان حوالي سان ترجمان واٽر بورڊ ٻڌايو تہ سي اي او واٽر بورڊ جي هدايتن تي پھرين مرحلي ۾ ڊاڪٽر عيسيٰ ليب ۽ ڪراچي ميڊيڪل ڊينٽل ڪاليج جي گڏيل سهڪار سان 20 آڪٽوبر 2022 بروز خميس صبح 9 کان 2 وڳي تائين تي ايم ڊي واٽر بورڊ سيڪريٽريٽ ڪارساز شاھراھ فيصل ڪراچي ۾ مفت ميگا ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ويندي، جنهن ۾ ڪراچي ميڊيڪل ڊينٽل ڪاليج جي پروفيسر نرگس جي اڳواڻي ۾ مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر مفت معائنو ڪندا، ان سلسلي ۾ جنرل مئنيجر بزنس ڊولپمينٽ اينڊ سيلز ڊاڪٽر عيسيٰ ليبارٽري ڊاڪٽر نيئر جبين تفصيل ڏيندي ٻڌايو تہ 20 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ميگا فري ميڊيڪل ڪيمپ ۾ الٽراسائونڊ، ھڏين جي ٽيسٽن کان علاوه رت جون مختلف ٽيسٽون پن ڪيون وينديون ۽ ملازمن جي طبي معائني سميت ضرورت مطابق دوائون ڏنيون وينديون ان کان سواءِ ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪميٽي روم ۾ واٽر بورڊ جي عورت ملازمن کي ڊينگي وائرس ۽ ڇاتي جي ڪينسر بابت ليڪچر پڻ ڏنو ويندو، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جو چوڻ هو تہ واٽر بورڊ ملازمن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مرحليوار مفت ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون وينديون ھن چيو تہ پهرين مرحلي ۾ ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز جڏهن تہ ٻئي مرحلي ۾ واٽر بورڊ جي ٻين آفيسن ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون وينديون ڇو تہ واٽر بورڊ ملازمن کي بھتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي پھرين ترجيح ۾ شامل آهي.










