ڪراچي (پ ر) سندھ حڪومت جي خصوصي هدايتن تحت واٽر بورڊ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي ان سلسلي ۾ واٽر بورڊ جا سمورا آفيسر ۽ ملازم شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مصروف آهن ڇاڪاڻ تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پي پي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر محمد عاصم حسين سان ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي پي پي اڳواڻ پاران سي اي او واٽر بورڊ کي سينٽرل ضلعي ۾ پاڻي جي فراهمي وارن مختلف مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورا غير قانوني ڪنيڪشن فوري طور ختم ڪيا وڃن، هائڊرنٽ کي مقرر ڪيل وقت تي هلايو وڃي ۽ سمورين لائينن ۾ ليڪيجز کي ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ پاران پي پي اڳواڻ کي ملاقات دوران سمورين شڪايتن جي فوري ازالي جو يقين ڏياريندي لاڳاپيل آفيسرن کي موقعي تي ئي حڪم جاري ڪندي پابند ڪيو تہ پي پي اڳواڻ پاران پيش ڪيل پاڻي جي فراهمي جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن، سي اي او واٽر بورڊ ملاقات دوران ڳالهائيندي وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت جي خصوصي هدايتن تحت واٽر بورڊ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي تہ جيئن شهرين کي ڪنهن بہ پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي، ان موقعي تي ڊي سي سينٽرل طلحه سليم، حنيف بلوچ، منصور صديقي، سڪندر زرداري، شاھ رخ، غلام مصطفيٰ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا…..ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ گھڻي آبادي واري شهر ۾ گهرج جي ڀيٽ ۾ تقريبن 50 سيڪڙو گهٽ پاڻي موجود هجڻ باوجود شھرين کي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ شهر جي پڇاڙي ۽ ڏورانهن وارن علائقن تائين پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ واٽر بورڊ پنھنجا سمورا وسيلا ۽ صلاحيتون استعمال ڪري ٿو ڇاڪاڻ تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان مرڪزي اڳواڻ جي يو آئي قاري محمد عثمان جي قيادت ۾ آيل وفد سان ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي جي يو آئي اڳواڻ پاران سي او او واٽر بورڊ کي شير شاھ ضلعو ڪياماڙي ۽ ضلعو اولھ ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مختلف مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورن مسئلن جي حل لاءِ موثر ۽ تڪڙا قدم کنيا وڃن، سي او او واٽر بورڊ پاران جي يو آئي اڳواڻ کي ملاقات دوران پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت سمورين شڪايتن جي فوري ازالي جو يقين ڏياريندي لاڳاپيل آفيسرن کي موقعي تي ئي حڪم جاري ڪندي پابند ڪيو تہ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن، سي او او واٽر بورڊ ٻڌايو تہ جناح روڊ، عالمگير روڊ، تور بابا روڊ گلي نمبر 14 ۽ 16 شير شاھ ڪالوني پراڻي يو سي نمبر ون، نئي يو سي نمبر 4 ۾ پاڻي جي نئين ڊسٽري بيوشن لائين لڳائڻ جي سنڌ حڪومت منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، جنھن جو ٽينڊر جاري ٿيڻ تي ڪم شروع ڪيو ويندو، هن چيو تہ نئين لائين وڇائڻ سان لاڳاپيل علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ ڪافي بهتري ايندي ۽ غير قانوني ڪنيڪشن جو مڪمل خاتمو ٿيندو، ان موقعي تي جي يو آئي اڳواڻ پاران واٽر بورڊ جي آفيسرن ۽ ملازمن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو اسان کي پوري اميد آھي تہ واٽر بورڊ پنھنجي ماضي جي روايتن کي برقرار رکندي مستقبل ۾ بہ شهرين جي خدمت جاري رکندو ۽ سڄي شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي حل لاءِ بهتر قدم کڻندي شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندو، سي او او واٽر بورڊ ملاقات دوران ڳالهائيندي وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت جي خصوصي هدايتن تحت واٽر بورڊ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي تہ جيئن شهرين کي ڪنهن بہ پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي، ان موقعي تي منصور صديقي، حنيف بلوچ، موهن لال، غلام محمد حب، مولانا عظيم الله عثمان، ڊاڪٽر اڪبر خان، سيد اڪبر شاھ هاشمي، مفتي محمد خالد، حاجي امين الحق، مولانا حبيب رزاق، فيروز خان، عمر خان ۽ ٻيا موجود هئا.










