والي بال ٽورنامينٽ چڪ جي ٽيم کٽي ورتو

روهڙي (امان الله سومرو) سماجي تنظيم روشن آباد ويلفيئر سوسائٽي طرفان ھڪ ڏينھن وارو والي بال ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو. جنھن ۾ مختلف علائقن جي ٽيمن حصو ورتو ۽ فائنل مقابلو خيرپور ۽ چڪ جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو. دلچسپ مقابلي جي نتيجي ۾ چڪ جي ٽيم فائنل ميچ کٽي ڪري ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪيو. ٽورنامينٽ ۾  آيل مھمان خاص ڪنڌرا جي سياسي سماجي اڳواڻ ضياءُ رحمان ٻرڙو فائنل ميچ ڏسڻ لاءِ آيل شوقينن ۽ رانديگرن کي خطاب ڪندي چيو ته ھن دور ۾ صحت مند سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ ۽ نوجوان نسل کي سماجي براين کان پري رکڻ لاءِ راندين طرف ڌيان ڏيڻ تمام بهترين قدم آهي ان سان نوجوان رانديگرن جي حوصله افزائي ٿئي ٿي. هن فاتح ٽيم ۽ رنراپ ٽيم ۾ نقد انعام پڻ ورھايا. ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي آرگنائزر مجاهد جمالي ۽ غلام مرتضي سھتو مھمان خاص کي سنڌ جي سوکـڙي اجرڪ پھرايو جڏهن ته فائنل ميچ ۾ پھچڻ واري ٽيمن جي ڪپتانن کي پڻ اجرڪ پھرايو ويو. ان موقعي تي روشن آباد ويلفيئر سوسائٽي جي چيئرمين نزاڪت حسين ميتلو سينيئرصحافي منظور بيدار ٻرڙو ساجد حسين گھانگھرو ۽ ويلفيئرجا رضاڪار پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو