والدين 5 سالن گهٽ عمر وارن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارين:مراد شاهه

والدين 5 سالن گهٽ عمر وارن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارين:مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه والدين تي زور ڀريو آهي ته اھي سندن 5 ورھين کان گھٽ ڄمار وارن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ آيل پوليو ٽيمن سان سھڪار ڪن تھ جيئن انھن کي ان موذي مرض کان بچائي سگھجي. هن اها ڳالهه اڄ سومر ڏھاڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ ھڪ ھفتو ھلندڙ پوليو خلاف مھم جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ والدين کي سندس پيغام ۾ ڪئي. ان موقعي تي صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو، چيف سيڪريٽري سھيل راجپوت، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو، سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاھھ، ڪوآرڊينيٽر اي او سي فياض عباسي ۽ ٻيا موجود ھئا. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سندس اعلان ڪندي فخر ٿي رھيو آھي تھ گذريل ٻن سالن کان سنڌ ۾ پوليو جو ڪوبھ نئون ڪيس سامھون نھ آيو آھي، پر پاڪستان مان پوليو جو خاتمو اڃا باقي آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ اسان والدين جي سھڪار ۽ صحت کاتي، پوليو خلاف ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۽ پوليو ورڪرز جي گھر گھر مھم سبب پوليو تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آھي، پر ان جو سڄي ملڪ مان خاتمو ٿيڻ باقي آھي. ھن والدين تي زور ڀريندي چيو تھ سندن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ايندڙ ٽيمن سان سھڪار ڪيو وڃي. واضح رھي تھ صحت کاتي جي اي او سي 24 کان 30 آڪٽوبر تائين ھڪ ھفتي تي ٻڌل پوليو خلاف مھم 21 ضلعن ۽ جزوي طور تي ٻوڏ متاثر ضلعن ڄامشورو، شھيد بينظير آباد ۽ قمبر-شھدادڪوٽ ۾ شروع ڪئي آھي. اڄ کان شروع ٿيل ھفتي واري مھم دوران صوبائي حڪومت 66 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو ھدف رکيو آھي ۽ مھم ۾ 17859 ٽيمون حصو وٺنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو