والدين ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا لازمي پيارين، وزيراعظم جي اپيل

والدين ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا لازمي پيارين، وزيراعظم جي اپيل

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جهڙي مرض جي پاڙ پٽيندا ۽ پنهنجن ٻارڙن جو مستقبل محفوظ بڻائيندا وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جي پاڙ پٽيندا جمعي تي پوليو مهم شروع ٿيڻ تي خطاب ڪندي وزيراعظم سمورن پوليو ورڪرز ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. جيڪي خطرن کي منهن ڏئي ۽ پنهنجون حياتيون وڃائي پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن ان موقعي تي وزيراعظم ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم شروع ڪئي وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، وفاقي وزير مريم اورنگزيب سنڌ جو وڏو وزير مرادعلي شاهه به ان موقعي تي موجود هو وزيراعظم چيو ته پوليو خطرناڪ مرض آهي جيڪو ٻارڙن کي معذوري ڪري سگهي ٿو ان لاءِ سمورا والدين پنهنجي پنجن سالن جي عمر وارن ٻارڙن کي پوليو جا قطرا لازمي پيارين ۽ قوم جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل سنوارين، وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا ۾ پوليو جي پاڙ پٽجي چڪي آهي، پاڪستان ۾ به هي مرض ختم ٿي چڪو هو پر بدقسمتي سان ڪجهه علائقن ۾ پوليو جا ڪيس ٻيهر ظاهر ٿيا وزيراعظم اهو عزم ڪيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي پوليو جو خاتمو ڪندا ۽ گڏيل سوچ ويچار ۽ طاقت ڪتب آڻيندي ٻارڙن جو مستقبل محفوظ بڻائيندا وزيراعظم پوليو ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هر قسم جي حالتن ۽ مشڪل علائقن ۾ سموريون رڪاوٽون هٽائيندي ٻارڙن کي گهر گهر وڃي پوليو جا ڦڙا پياري رهيا آهن. وزيراعظم پنهنجا فرض نڀائڻ دوران پنهنجي حياتي جي قرباني ڏيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي به خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم سندن قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي وزيراعظم صحت واري وفاقي وزير، سنڌ جي وڏي وزير، سمورين صوبائي حڪومتن سان گڏوگڏ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو به شڪريو ادا ڪيو ته اهي پوليو جي خلاف مهم ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن هن نيڪ ڪم ۾ حصو وٺندڙ سمورن ادارن ۽ تنظيمن جو به شڪريو ادا ڪيو هن چيو ته اسان گڏيل ڪوششون ڪتب آڻي الله جي فضل ۽ ڪرم سان هن مرض جو انت آڻينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو