نئين دلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي جيولوجيڪل سروي دوران سائنسدانن جمون ۽ ڪشمير ۾ ليٿيم جا وڏا ذخيرا لڌا آهن. جن جو ڪل مقدار 5.9 ملين ٽن آهي. جنهن بعد هندوستان ليٿيم جي وڏن ذخيرن وارو دنيا جو ڇهون وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي. ڀارت هاڻي گرين انرجي پاور هائوس ۽ ليٿيم برآمد ڪندڙ ملڪ جي حيثيت سان سامهون ايندو. ليٿيم ڪاربن جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ليٿيم بيٽرين ۾ استعمال ٿئي ٿو جيڪو اليڪٽرڪ ڪارن ۽ ٻين ڪيترن ئي ڊوائيسز ۾به استعمال ٿئي ٿو. جن ۾ ليپ ٽاپ، وائرليس هيڊفون، ننڍڙا ۽ وڏا اليڪٽرونڪس جا سامان، برقي گاڏيون، ۽ برقي توانائي اسٽوريج سسٽم ۾ به اليٿيم جو استعمال ٿئي ٿو. دنيا ۾ ليٿيم جي طلب تيزي سان وڌي رهي آهي. عالمي منڊي ۾ ليٿيم جي قيمت 75 هزار ڊالر في ڪيوبڪ ميٽر آهي. ليٿيم جو وڪرو هندوستان کي ڪافي خوشحال بڻائي سگهي ٿو. هندستان کي آسٽريليا ۽ چين تي هاڻي ليٿيم جي امپورٽ لاءِ انحصار نه ڪرڻو پوندو. والاريل ڪشمير ۾ تازو جيڪي نوان روڊ رستا ۽ پهاڙن ۾ سرنگون کوٽيون ويون آهن ان سبب ليٿيم تائين جلد رسائي حاصل ٿي سگهي ٿي.










