وائلڊ لائيف کاتي جو زيادتيون ماروئڙا ريگستان ڇڏڻ تي مجبور

وائلڊ لائيف کاتي جو زيادتيون ماروئڙا ريگستان ڇڏڻ تي مجبور

ٺري ميرواھ( رپوٽر امتياز علي شر)ٺري ميرواھ نارا ٿر جي علائقن ۾ رهندڙ مسڪين ماروئڙن سان ايڏيون ذيادتيون ڇو پيون ٿين آخر ماروئڙن کي ريگستان مان تڙي ڪڍڻ عرب جي سفيرن جي خواهش آهي يا وري وائلڊ لائيف۔ گيم واچ ۔ راکا جيڪي پڻ سنڌي آهن اهي دولت جي نشي ۾ ايڏا انڌا ٿي ويا آهن جو ماروئڙن جون رڙيون دانهون انهن تي اثر ئي نٿيون ڪن هي ٺري ميرواھ جو ريگستاني علائقو آهي جتي پڻ وائلڊ لائيف۔ گيم واچرن پاران مختلف طريقن سان ريگستان ۾ رهندڙ ماروئڙن کي ايزائي تڪليفون ڏئي ذيادتيون ڪري۔ پاڻي بند ڪري ٻڪريون مال متاء کڻي ڪهين کائي ذيادتيون ڪري مسڪين ماروئڙن کي ريگستان مان ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ان سڄي صورتحال تي ٺري ميرواھ جو پي ٽي آء  اڳواڻ سماجي اڳواڻ۔ پي ايس 28 جو آزاد اميدوار ڊاڪٽر الله بچايو شر  صاحب پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو صحافين اڳيان دانهيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو