هڪ گهٽي ۾ هڪ پارٽي ته ٻي گهٽي ۾ ٻي پارٽي مقبول هوندي آهي: سپريم ڪورٽ

هڪ گهٽي ۾ هڪ پارٽي ته ٻي گهٽي ۾ ٻي پارٽي مقبول هوندي آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ سنڌ مڪاني چونڊن ۾ تڪبندين جي خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي درخواست تي ٻڌني دوران ريمارڪس ڏنا ته هڪ گهٽي ۾ هڪ جماعت ته ٻي گهٽي ۾ بي جماعت مقبول هوندي آهي اليڪشن ڪميشن وٽ ايترو عملو نه آهي ته گهٽين پاڙن جي سطح تي تڪبندي مقامي آفيسرن کان سواءِ نٿي ٿي سگهي سپريم ڪورٽ ۾مڪاني چونڊن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم چيو آهي ته سنڌ ۾ پهرين فيز ۾لوڪل باڊيز چونڊون ٿي چڪيون آهن ڪراچي، حيدرآباد، بدين، ٺٽو ۾ اليڪشن اڃا ٿيڻي آهي اسان جو تڪبندين تي اعتراض آهي سنڌ حڪومت جتي اسان جي اڪثريت آهي 90 هزار جڏهن ته جتي پيپلزپارٽِ جي اڪثريت آهي اتي 30 هزار آبادي تي ٻڌل يونين ڪائونسلون ٺاهيون آهن اهڙين تڪبندين سان ميئر جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جا ووٽ گهٽجي وينا آبادي جي تناسب ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ فرق نٿو ٿي سگهي چيف جسٽس چيو ته تڪبندين جي خلاف اعتراض پهريان فيز جي پولنگ کان پوءِ ڪيو ويو ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو ته تڪبندي ڪميٽي جي ٽن مان 2 ميمبر صوبائي حڪومت جا هئا سنڌ حڪومت جي اصل بدنيتي تڪبندي تي اليڪشن ڪميشن کي بند ڪرڻ آهي ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن چيو ته يونين ڪائونسلز جي تعداد جو تعين صوبائي حڪومت جو اختيار آهي اليڪشن ڪميشن صوبي جي حدبندي ۽ يونين ڪميٽين جي تعين ڪيل تعداد جو پابند آهي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ صوبي ۾ مختلف ۽ ٻئي صوبي ۾ مختلف طرح حدبندي ڇو ڪري ٿو جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني اختيارن کي لوڪل گورنمينٽ قانون ۾ ضم نه ڪري عدالت چيو ته ٻين ڌرين کي اڄ اڱاري تي ٻڌنداسين جنهن کان پوءِ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو