هڪ پورهيت جي مينهن چوري ٻئي جو ڪتر مشين ۾ هٿ

هڪ پورهيت جي مينهن چوري ٻئي جو ڪتر مشين ۾ هٿ

مبارڪپور (ن سنڌيار )ڳوٺ عبدالحڪيم مھر مان پورهيت جي گهر کي کاٽ، نامعلوم چور هڪ ڀلوڙ مينهن چوري ڪري ويا. ٻئي خبر موجب ڳوٺ حاجي ميهار شر ۾ پورهيت جو هٿ ڪتر مشين ۾ اچڻ سبب زخمي ٿي پيو.  ڳوٺ عبدالحيڪم  مهر ۾ نامعلوم چورن سونارو ۽ زاهد اندڙ جي گهر کي کاٽ هڻي ڀلوڙ مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا ، ڳوٺاڻن ۽ پوليس پيرو  کنيو پر هو رستي م پيرو وڃائي موٽي آيا. اڃا تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.ياد رھي ته مبارڪپور ٿاڻو ڪجهه ڏينھن کان بغير ايس ايڇ او جي آھي ايس ايس پي جيڪب آباد کي گھرجي ته مبارڪپور ٿارڻي تي فوري ايس ايڇ او مقرر ڪريو وڃي. ٻئي پاسي ڳوٺ حاجي ميھار شر ۾ نوجوان جو هٿ ڪتر مشين ۾ اچي ويو ، زخمي حالت ۾ کيس اسپتال آندو ويو. ڪتر  ڪندي علي شير جو هٿ ڪتر  مشين ۾ اچي ويو ، گهر ڀاتين زخمي حالت ۾ کيس علاج لاءِ مبارڪپور اسپتال آندو  جتي ڊاڪٽر پاران فرسٽ ايڊ ڏئي کيس وڌيڪ علاج لاءِ جيڪب آباد موڪلي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو