ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سھيل سمون) سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي سنڌ جي ٻين شهرن جيان بدين ۾ به وڪيل بابو سرفراز جتوئي تي ٿيل قاتلاڻي حملي، کنڀي گم ڪيل حيدرآباد جي وڪيل محب آزاد لغاري ۽ وڪيلن سان ٿيل ناانصافين خلاف بدين بار جي وڪيلن، بار جي عھديدارن پاران ڪورٽ ڪم معطل ڪري بار اڳيان سمورن وڪيلن احتجاج ڪيو۔ احتجاج ڪندڙ ايڊووڪيٽ فياض ابڙو، ايڊووڪيٽ اصغر چانگ، ايڊووڪيٽ عبدالعزيز بڪاري، ايڊووڪيٽ آزاد امير پنهور، ايڊووڪيٽ نور محمد سومرو، ايڊووڪيٽ ڪنعيا لال ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته رياست ۾ آئين موجود آهي اسان سمورا وڪيل ان آئين جو احترام ڪندي عدل ۽ انصاف لاء مسلسل جدوجهد ۾ رهيا آهيون پر هي ڪهڙا ادارا آهن جيڪي پنهنجي وطن جي آئين جي لتاڙ ڪري وڪيلن سان ناانصافيون ڪري رهيا آهن، بار ميمبرن وڌيڪ چيو ته اسان اعلي اختيارين کان اهو مطالبو ڪيون ٿا ته سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر وڪيل بابو سرفراز جتوئي تي قاتلاڻي حملي جا جوابدار گرفتار ڪري وڪيلن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ کنڀي گم ڪيل وڪيل محب آزاد لغاري کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.










