هڪ هزار ڀيرا وڌيڪ تيز ڪم ڪرڻ واري انعام يافته چيني چپ

هڪ هزار ڀيرا وڌيڪ تيز ڪم ڪرڻ واري انعام يافته چيني چپ

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين ڪمپيوٽنگ پاور ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي، جيڪو هڪ نئين آپٽيڪل ڪوانٽم چپ جي ذريعي ممڪن ٿيو آهي، اها چپ پيچيده مسئلن جي حل کي هزار ڀيرا کان وڌيڪ تيز ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هي فوٽونڪ ڪوانٽم چپ گذريل هفتي 2025 ورلڊ انٽرنيٽ ڪانفرنس وزن سمنٽ ۾ “ليڊنگ ٽيڪنالاجي ايوارڊ” ماڻي ورتو. هن ڪانفرنس ۾ دنيا جي 34 ملڪن مان 400 کان وڌيڪ ڪمپنين مان چونڊيل 17 سائنسي جدتن مان هي ڪوانٽم چپ هڪ آهي. هي چپ، جيڪا AI ڊيٽا سينٽرن ۽ سپرڪمپيوٽرن جي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي، اڳ ئي هوا بازي، بايو ميڊيسن ۽ مالي شعبي سميت مختلف صنعتن ۾ استعمال ٿي رهي آهي، ۽ پنهنجي ٺاهيندڙن جي مطابق “روايتي ڪمپيوٽرن جي حد کان وڌ computing power فراهم ڪري رهي آهي.” وڏي پيماني، تيز رفتاري، ۽ پروگرام ايبل فوٽونڪ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ چپ ٽيڪنالاجي ۽ ان جا استعمال، شيانگسو صوبي جي اوڀر واري شهر وُوشي ۾ قائم ادارو “چِپ هب فار انٽيگريٽيڊ فوٽونڪس ايڪسپلور (CHIPX)” ــ جيڪو شنگهائي جياٽوگ يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهي ــ ۽ شنگهائي جي هڪ هاءِ ٽيڪ اسٽارٽ اپ “ٽرنگ ڪوانٽم” گڏجي تيار ڪيا آهن. شنگهائي جياٽوگ يونيورسٽي جي فزڪس جي پروفيسر ۽ ٽرنگ ڪوانٽم جي باني جن شيان من چيو: “فوٽونز ۽ اليڪٽرانڪس جي گڏيل پيڪيجنگ ٽيڪنالاجي، چپ ليول انٽيگريشن ۽ فوٽونڪ ڪوانٽم چپس جي وڏي پيماني تي پيداوار مان مونکي لڳي ٿو ته هي دنيا ۾ پهريون دفعو ٿيو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته، “اسان کي اميد آهي ته جلد ئي وڌيڪ فوٽونز کي سنڀالڻ جي قابل چپس به تيار ڪريون ٿا،” جنهن جو اظهار هن ايوارڊ جي ڏينهن چيني ميڊيا سان گفتگو دوران ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو