اسلام آباد ( بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته عمران خان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا چيو آهي ته سندس مقصد ڪنهن کي ٽارگيٽ ڪرڻ نه هو.توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري فيصلي تي ردعمل ۾ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته هڪ نتيجو عدالت اندر ۽ ٻيو ٻاهر نڪرندو.بابر اعواڻ چيو ته هڪ فيصلو عدالت ۾ ٿيندو آهي، جنهن جو بنياد قانون، واقعن ۽ ايشوز تي ججن جي سوچ هوندي، پر جيڪو فيصلو ٻاهر ٿيندو آهي اهو هڪ ٻئي قسم جو فيصلو هوندو آهي. بابر اعواڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ عدليا سميت سمورا ادارا 2 ڳالهين جو اظهار ڪري رهيا آهن.










