هڪ ميچ تي لکين ڊالر خرچيندڙ فٽبال جا وي آءِ پي تماشائي

هڪ ميچ تي لکين ڊالر خرچيندڙ فٽبال جا وي آءِ پي تماشائي

ورلڊ ڪپ جي فائنل لاءِ پهرين6 قطار جون سيٽون، جيڪي ميدان جي اڌ واري لائين جي بلڪل سامهون هيون ۽ جن سان انعام ورهائڻ واري تقريب دوران ميدان ۾ وڃڻ جي خاص اجازت پڻ شامل هئي، خاص طور تي ان لمحي لاءِ جڏهن کٽيندڙ ٽيم ٽرافي مٿي کڻندي، اهي اعلان ٿيڻ کان 24 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ 40 لک آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ٿي ويون.
اهي هڪ انتهائي مهانگي ۽ خاص پيڪيج جو حصو هيون، جيڪو نائٽس برج سرڪل نالي ڪمپني وڪرو ڪيو. هي ڪمپني انتهائي امير ماڻهن کي خصوصي سهولتون فراهم ڪري ٿي.
هن موقعي کي “ٽورنامينٽ جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون تجربو” قرار ڏنو ويو، ۽ اهو صرف چونڊيل گراهڪن لاءِ پيش ڪيو ويو، جن جي اڳواٽ جاچ پڻ ڪئي ويندي آهي.
نائٽس برج سرڪل جي صدر اسٽوئرٽ ميڪ نيل بي بي سي برازيل کي ٻڌايو ته: “هي پيڪيج اعلان ٿيڻ کان صرف 24 ڪلاڪن اندر ئي اسان جي هڪ ميمبر خريد ڪري ورتو.”
نائٽس برج سرڪل انهن ڪيترين ئي ڪمپنين مان هڪ آهي، جيڪي ورلڊ ڪپ ڏسڻ جي خواهشمند امير ماڻهن لاءِ عيش و عشرت وارا سفري پيڪيج مهيا ڪن ٿيون.
هن دفعي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ ۾ 48 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جڏهن ته ميچ آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا جي ٽن ملڪن ۾ کيڏيا پيا وڃن. هي ٽورنامينٽ 16 شهرن ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ مجموعي طور 104 ميچ شامل آهن.
ٻئي پاسي، عام شوقينن لاءِ ورلڊ ڪپ ڏسڻ اڳ کان وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو آهي. کين ٽڪيٽن ۽ سفر جي وڌندڙ خرچن سان گڏ آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.
پر ٿورڙن ئي خوش نصيب ۽ مالدار ماڻهن لاءِ تجربو مڪمل طور مختلف هوندو آهي. اهي ميزبان شهرن ۾ خانگي جهازن ذريعي پهچن ٿا، اسٽيڊيم تائين هيليڪاپٽر يا ليموزين ۾ وڃن ٿا، ۽ وي آءِ پي علائقن ۾ سندن سيٽون اڳواٽ محفوظ هونديون آهن، ڀلي اهي پنهنجو پروگرام آخري گهڙيءَ ۾ ئي ڇو نه طئي ڪن.
اسٽوئرٽ ميڪ نيل جو چوڻ آهي: “مان گذريل 22 سالن کان هن لگزري مارڪيٽ ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان، ۽ مون لاءِ سڀ کان وڏي حيرت اها آهي ته هن ورلڊ ڪپ ۾ پئسو عملي طور هر شيءِ خريد ڪري سگهي ٿو، جيڪا هڪ نئين ڳالهه آهي.”
هو ۽ لگزري شعبي جا ٻيا ماهر پنهنجن گراهڪن جا نالا ظاهر نٿا ڪن، پر ٻڌائين ٿا ته انهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جون مشهور شخصيتون، ارب پتي، وڏين ڪمپنين جا باني، ٽيڪنالاجي شعبي جا اعليٰ عملدار ۽ رانديگر شامل آهن.
مهانگي خرچ جا خصوصي پيڪيج
سڀئي لگزري پيڪيج ملين ڊالرن جا ناهن هوندا، پر ڪيترائي ذاتي ضرورتن مطابق تيار ڪيل سفري منصوبا آسانيءَ سان ڇهن انگن (هڪ لک ڊالر کان وڌيڪ) تائين پهچي ويندا آهن.
انهن ۾ خانگي جهاز، هيليڪاپٽر، وي آءِ پي ايئرپورٽ سهولتون، سيڪيورٽي ٽيمون ۽ عاليشان هوٽلن ۾ رهائش سميت هر قسم جون سهولتون شامل هونديون آهن.
ميگما گلوبل جي تفريحي شعبي جي نائب صدر نڪول والچ موجب، هڪ جوڙي لاءِ سڀ کان سستو پيڪيج، جنهن ۾ فائيو اسٽار رهائش، هڪ ميچ جي ٽڪيٽ، بزنس ڪلاس هوائي سفر ۽ خانگي ٽرانسفر شامل هجي، ان جي قيمت 25 هزار کان 75 هزار آمريڪي ڊالرن جي وچ ۾ هوندي آهي.
ڪيترائي گراهڪ ان کان گهڻو وڌيڪ خرچ ڪندا آهن، خاص طور تي جڏهن پروگرام ڪيترن ڏينهن ۽ ڪيترن ميزبان شهرن تي ٻڌل هجي.
ڪجهه ماڻهو ورلڊ ڪپ سان گڏ ٻين سياحتي هنڌن جا دورا به شامل ڪندا آهن.
نڪول والچ چوي ٿي: “منهنجا اهڙا گراهڪ به آهن، جيڪي لاس اينجلس ۾ ميچ ڏسڻ کان پوءِ ڪجهه راتيون گذارڻ لاءِ هوائي ٻيٽن ڏانهن روانا ٿين ٿا.”
هوءَ اندازو لڳائي ٿي ته فائنل هفتي جي آخر ۾ نيويارڪ ۾ لگزري رهائش سان گڏ خرچ آساني سان هڪ لک يا ان کان به وڌيڪ تائين پهچي سگهي ٿو.
نيويارڪ جي ٽريول ايجنسي فرسٽ اِن سروس ٽريول جي اسٽريٽجي ڊائريڪٽر جينا گيبارڊ، جيڪا عالمي لگزري نيٽ ورڪ ورچوسو سان لاڳاپيل آهي، بي بي سي نيوز برازيل کي ٻڌايو ته انتهائي مالدار شوقينن لاءِ اختيارن ۾ وي آءِ پي ٽڪيٽن کان وٺي ميچ دوران مشهور شيفن پاران تيار ڪيل کاڌن ۽ وڌيڪ جامع پيڪيجن تائين هر شيءِ شامل هوندي آهي.
جينا گيبارڊ جو چوڻ آهي: “انهن ۾ رانديگرن سان خاص ملاقاتون پڻ شامل ٿي سگهن ٿيون.”
وي آءِ پي ٽڪيٽن جي قيمت، ميچ جي اهميت موجب، في ماڻهو پنج هزار ڊالر کان شروع ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪيترن ميچن ۽ شهرن تي ٻڌل پيڪيجن جي قيمت ڪيترن ئي لک ڊالرن تائين پهچي سگهي ٿي.
رازداري ۽ خاص رسائي
نڪول والچ موجب، هن درجي جي گراهڪن لاءِ قيمت کان وڌيڪ اهميت سهولت، رازداري ۽ خاص رسائي کي هوندي آهي. هوءَ چوي ٿي: “اهي پنهنجي عملي سان گڏ سفر ڪندا آهن ۽ اهڙي وڏي تقريب ۾ مڪمل طور ذاتي نوعيت جي سهولتن جي اميد رکندا آهن.”
البته ڪجهه ميچن دوران اسٽيڊيم تائين هوائي سفر جا وسيلا محدود هوندا آهن. نڪول والچ جو چوڻ آهي ته خانگي جهازن ۽ لينڊنگ سائيٽن جو تعداد محدود هوندو آهي.
اهڙي حالت ۾ بهترين متبادل خانگي ڊرائيور سان گڏ لگزري ڪار هوندي آهي. سندس چوڻ موجب: “اهي گراهڪ صرف وي آءِ پي ٽڪيٽ نٿا چاهين.”
“هر ماڻهو پهرين قطار ۾ ويهڻ نٿو چاهي. ڪيترن لاءِ رازداري ۽ خاص سهولتن تائين رسائي وڌيڪ اهم هوندي آهي. اهي مڪمل وي آءِ پي ماحول چاهين ٿا.”
“جتي عام شوقين ڊگهن قطارن ۾ وقت وڃائيندا آهن ۽ سڄو ڏينهن کاڌي پيتي تي خرچ ڪندا آهن، اتي اهي گراهڪ خاص داخلا ۽ خانگي لائونجن تائين رسائي حاصل ڪندا آهن، جتي اعليٰ معيار جو کاڌو پيش ڪيو ويندو آهي.”
نڪول والچ جو چوڻ آهي ته اهو سمجهڻ غلط آهي ته اهي ماڻهو صرف وڌيڪ خرچ ڪرڻ چاهين ٿا، حقيقت ۾ هو ان جي بدلي بنا ڪنهن تڪليف جي اعليٰ درجي جون سهولتون حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
ان جو مطلب اهو آهي ته کين نه هجوم مان گذرڻو پوي ٿو ۽ نه ئي شيڊيول جي تفصيلن بابت فڪر ڪرڻي پوي ٿي.
اسٽوئرٽ ميڪ نيل چوي ٿو: “اهي خاص سلوڪ چاهين ٿا، هو انتظار ڪرڻ نٿا چاهين. اهو واقعي ريڊ ڪارپيٽ جهڙو استقبال هوندو آهي، ۽ هو ان لاءِ رقم ادا ڪرڻ تي تيار هوندا آهن.”
انهن گراهڪن سان گڏ سفر ڪندڙ معاون ٽيم ۾ سيڪيورٽي گارڊن کان وٺي خانگي شيفن تائين مختلف ماهر شامل ٿي سگهن ٿا.
جينا گيبارڊ ٻڌائي ٿي: “گهڻن معاملن ۾ ٽريول صلاحڪار سڌو سنئون گراهڪ جي ذاتي اسسٽنٽ ۽ ٻين ٽيم ميمبرن سان گڏجي سمورن انتظامن کي هم آهنگ ڪندو آهي.”
آخري گهڙيءَ جا فيصلا
انهن مسافرن کي عام شوقينن کان الڳ ڪندڙ هڪ ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته اهي گهڻو اڳواٽ منصوبابندي نٿا ڪن. نڪول والچ چوي ٿي: “اهي پنهنجي وقت کي پئسي کان وڌيڪ قيمتي سمجهندا آهن ۽ اڪثر آخري گهڙيءَ ۾ فيصلا ڪندا آهن.”
اسٽوئرٽ ميڪ نيل موجب، شروعات ۾ سندن گراهڪن جي دلچسپي گهٽ هئي. هو چوي ٿو: “آمريڪا کان ٻاهر رهندڙ مسافرن ۾ سياسي ماحول سبب واضح هٻڪ موجود هئي.”
پر گذريل ڪجهه هفتن دوران طلب ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، ۽ اميد آهي ته جيئن ناڪ آئوٽ مرحلو ويجهو ايندو ۽ واضح ٿيندو ته ڪهڙيون ٽيمون اڳتي وڌنديون، تيئن طلب وڌيڪ وڌندي.
ميڪ نيل جو چوڻ آهي: “اسان لاءِ ته اصل ڪم هاڻي شروع ٿيو آهي، ڇو ته اسان جا گراهڪ گهڻو ڪري آخري گهڙيءَ ۾ پنهنجا منصوبا حتمي بڻائيندا آهن.”
هو وڌيڪ چوي ٿو: “ڇاڪاڻ⁠تہ ڪيترائي خانگي جهازن ذريعي سفر ڪندا آهن، تنهن ڪري انهن لاءِ سڀني ميچن ۾ شرڪت ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي.”
نڪول والچ موجب، ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان پوءِ طلب ۾ واضح اضافو ڏٺو ويو آهي.
هوءَ چوي ٿي: “سچ پڇو ته اها واڌ اسان جي اميدن کان به وڌيڪ آهي.”
ميڪ نيل موجب، ميچن کان علاوه ٻين خاص تجربن جي به وڏي طلب آهي، جهڙوڪ سندن ڪمپني طرفان اڳوڻن ورلڊ ڪپ رانديگرن سان گڏ منجهند جي ماني جا خاص پروگرام، جتي عالمي فٽبال جي مشهور شخصيتن سان ويجهي ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه جو موقعو ملي ٿو.
ڪجهه حالتن ۾، اهي گراهڪ جيڪي فٽبال جي ستارن سان ويجهڙائي چاهين ٿا، لاڳاپيل رانديگرن جي سهڪار سان هلندڙ خيراتي ادارن کي چندو ڏيڻ جو واعدو به ڪندا آهن.
ميڪ نيل چوي ٿو: “گهڻا رانديگر خيراتي ڪمن ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا.” “پنهنجي فارغ ڏينهن تي هو ٽريننگ سينٽر ۾ ڪجهه گراهڪن سان ملڻ لاءِ تيار ٿي سگهن ٿا. اسان جا گراهڪ چندو ڏيندا آهن، پوءِ شايد هو انهن سان تصويرون ڪڍرائي سگهن، گڏجي بال کي ڪِڪ هڻي سگهن يا ٻيون سرگرميون به ڪري سگهن.”
جيڪي ماڻهو ورلڊ ڪپ فائنل تائين “انتهائي خصوصي” رسائي چاهيندا هئا پر 40 لک ڊالرن وارو پيڪيج حاصل نه ڪري سگهيا، انهن لاءِ ميڪ نيل ياد ڏياريندي چيو ته اڃا به هڪ نئون موقعو موجود آهي، جنهن ۾ ميدان جي بلڪل ڪناري تي ٻه خاص سيٽون شامل آهن. هر هڪ سيٽ جي قيمت “صرف” 15 لک آمريڪي ڊالر هوندي. (هي اسٽوري بي بي سي برازيل جي اليسينڊرا ڪوريا جي آهي جيڪا سندن ٿورن سان اسين پيش ڪري رهيا آهيون. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو