ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)هڪ سال اندر بجلي جي قيمتن ۾50 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو بجلي اگهن ۾ واڌ جو تفصيل منظر تي اچي ويو اهي نيپرا دستاويز مطابق فيول ايڊجسٽمنٽ ۽ سرچارجز جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪئي وئي بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 10 رپيا اضافو ٿيو گهريلو واهپيدارن جي بجلي 50 سيڪڙو مهانگي ڪئي وئي گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي جا اگهه 8 رپيا 50 پئسا وڌيا جنهن سان واهپيدارن جو ٽيرف 18.04 رپين مان 26.54 رپيا ٿي ويو ٻئي پاسي ڪمرشل واهپيدارن جي بجلي 11 رپيا في يونٽ مهانگي ٿي صنعتي واهپيدارن جي بجلي 9 رپيا 55 پئسا مهانگي ڪئي وئي ذرعي واهپيدارن جي ٽيرف ۾ 9 رپيا 14 پئسن جو اضافو ٿيو توانائي جي قيمت 655 ارب مان وڌي 1152 ارب ٿي وئي ڪئپيسٽي چارجز 794 ارب مان وڌي 1251 ارب ٿي ويا بجلي جي پيداواري لاڳت ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿي ويو جڏهن ته ڪل پيداواري لاڳت 1515 ارب مان وڌي 2518 ارب ٿي وئي.










