هڪ رات ۾ صحافين جون 4 چوريون، پوليس لاتعلق بڻيل

هڪ رات ۾ صحافين جون 4 چوريون، پوليس لاتعلق بڻيل

عادلپور(اسلم مھر) شھر۽ ڀرپاسي جي علائقن  مان نامعلوم چورن چئن دڪانن جا تالا ٽوڙي ۽ کاٽ ھڻڻ بعد صحافي امجد ڪلوڙجي ڪريانا جي دڪان صحافي آصف ڪلوڙ جي ڀاڻيجي اياز ڪلوڙ جي اسپيئر پارٽس جي دڪان، علي ماڙيچي جي پنڪچرن جي دڪان، ڳوٺ شھيدن مهر ۾ رياض مهر جي ڪريانا جي دڪانن مان نامعلوم چور هزارين روپين جي ماليت جو سامان چوري ڪري ويا آھن جڏهن تہ اهڙي واقعي بعد عادلپور پوليس کي اطلاع پڻ ڏنو ويو آھي جنهن بعد پوليس جاءِ وارداتن جو معائنو پڻ ڪيو ايس ايڇ او عادلپور حنيف کوسو چيو تہ ٻه چور آھن جن موٽر سائيڪل تي چڙھي وارداتون ڪيون آھن کين جلد گرفتار ڪيو ويندو جڏهن تہ چورين جي وڌندڙ وارداتن ۽ خاص ڪري صحافين کي ٽارگيٽ ڪرڻ تي عادلپور پريس ڪلب جو هنگامي اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو آھي جنهن ۾ بدامني خلاف لاء عمل جوڙيو ويندو. علائقي ۾ چوٻول آهن روايتي وڏيرن جي ناڪامي ۽ پيپلزپارٽي جي اميدوار جي قومي اسمبلي جي تڪ تي گذريل مهيني ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي بعد حلقي ۾ چوريون وڌي ويون آهن ۽ ڪا رات خالي ناهي جنهن ۾ چوري نه ٿيندي هجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو