اسلام آباد(بيورو)ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.72 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي ۽ 5 ڄڻا ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. اين آءِ ايڇ موجب گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ 19 هزار 312 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، 526 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا ڪيسن جي سڀ کان وڌيڪ شرح لاهور ۾ 9.33 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ان کان علاوه پشاور ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.55 سيڪڙو، ملتان ۾ 6.54 سيڪڙو ۽ ميرپور آزاد ڪشمير ۾ 5.33 سيڪڙو هئي.










