راولپنڊي(وي ڊيسڪ) پاڪ فوج جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل جو عهدو ماڻيندڙ نگار جوهر جي زندگي تي ٺهيل ٽيلي فلم 23 آڪٽوبر تي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هن فلم ۾ نگار جوهر جو ڪردار ماهره خان ادا ڪيو آهي. اڳ ۾ مٿس تنقيد به ٿي هئي ته اهو رول ڪنهن ٻئي اداڪرا کان ڪرائڻ گهربو هو ڇو ته نگار جوهر وڏي عمر جي ۽ جسامت ۾ ڀريل آهي، ماهره خان جو جوڙ ساڻس نٿو ملي. پهرين خيال هو ته سيپٽمبر ۾ فلم رليز ٿيندي ڇو ته ٽيزر اڳ ۾ ئي جاري ٿيا هئا.










