هٿياربندن هٿان ننڊ پيل زال مڙس قتل، ٻار بچي ويا

هٿياربندن هٿان ننڊ پيل زال مڙس قتل، ٻار بچي ويا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) باقراڻي ۾ ڳوٺ هٽي ۾ ھٿياربندن گوليون ھڻي ننڊ ستل زال مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ ھٽي وٽ اسڪول جي ڇت تي ننڊ ستل ابراھيم جتوئي ۽ سندس زال فرزانا کي ھٿياربندن گوليون ھڻي قتل ڪيو، لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته قتل ٿيل ڳوٺاڻو چوڪيدار هو ۽ زال سان گڏ اسڪول جي ڇت تي سُتل هو، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول سان گڏ سُتل ٻه معصوم ٻار بچي ويا آهن. پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ ڪري پئي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي پر اصل حقيقت جاچ بعد سامهون ايندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو